شوڪت حسين شاهه (بابو شاهه)

شوڪت حسين شاهه (بابو شاهه)

شوڪت حسين شاهه بابو شاهه

شوڪت حسين شاهه (بابو شاهه): ناليوارو سياستدان سيد شوڪت حسين شاهه عرف بابو شاهه 4 فيبروري 1953ع تي سجاول لڳ ڳوٺ ٽيماڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيد شير علي شاهه هو. هن 1970ع ۾ هاءِ اسڪول ميرپور بٺوري مان مئٽرڪ پاس ڪئي، ان ئي دور ۾ هن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي،1983ع ۾ جڏهن ايم. آر. ڊي تحريڪ شروع ٿي ته شاهه صاحب انهيءَ تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ان تحريڪ کي منظم ڪيو. پاڻ سجاول شهر ۾ هڪ وڏي جلوس جي اڳواڻي ڪري گرفتاري پيش ڪيائين. انهيءَ تحريڪ ۾ حصو وٺڻ تي کيس هڪ سال قيد ۽ ٻه لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. 1986ع ۾ کيس هڪ دفعو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. مارشلائي دور کانپوءِ 1988ع واري اليڪشن ۾ هيءُ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، 1990ع واري اليڪشن ۾ هيءُ ٻيهر صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.
سيد شوڪت حسين شاهه 8 نومبر 1990ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.02.04  عيسوي

سيد شوڪت حسين شاهه عرف بابو شاهه 4 فيبروري 1953ع تي سجاول لڳ ڳوٺ ٽيماڻي ۾ پيدا ٿيو.


1990.11.08  عيسوي

سيد شوڪت حسين شاهه 8 نومبر 1990ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور سومرو 2
سٻڙ خان خدمتگار
ابڙو شمس الدين
اسماعيل فقير سمون
زرياب
پريتم پياسي
رفيق مغل ڊاڪٽر
ايشور چندر
چانڊيو مير محمد خان
بيربل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون